انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر، ليکڪ، اداڪار، صداڪار ۽ نوحه خوان انعام ٽکڙائي جو جنم 12 آگسٽ 1966ع تي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو . سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير ولد محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪئي. 17 سالن جي ڄمار ۾ 1983ع ۾ نامور شاعر محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي جي هوٽل تي بيراگيري ڪندي ڪچا ڦڪا شعر چوڻ لڳو. سڀ کان پهرين غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، جتي تاج ٽکڙائي سندس شاعري ڏسي کيس همٿايو ۽ سندس تربيت پڻ ڪئي. جنهن کانپوءِ هن گيت، وايون، نظم، سانيٽ، چئوسٽا، ڪافيون، هائيڪا، پنجڪڙا، رُباعي، آزاد نظم، نثري نظم، بيت، قطعا، دوها، ٽيڙو، نو لکي، سهرا، ڳيچ، نوحه، مرثيا، منقبت، مناجات، مولود، حمد، نعت ۽ قصيدا لکيا. 1987ع کان انعام باقاعده ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سنڌي کان علاوه پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام پڻ چيو، نثر ۾ تحقيقي ادب ۽ مزاحيه ادب جي شعبي ۾ ڪهاڻين، مضمونن، مقالن وسيلي معاشري جي عڪاسي به ڪندو رهيو. اسٽيج ۽ ٽي وي تي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. سنڌ ٽي وي تي ڪجهه عرصو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. انعام ٽکڙائي جي هڪ ٻي سڃاڻپ نوحه خوان واري به رهي. ادبي خدمتن عيوض شاعري جي شعبي ۾”اُڏيرو لال اوارڊ“، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”لطيف ايوارڊ“، اردو زبان جي تنظيم ”زينا پاڪستان “ پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ۽ بزم جيلاني پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“، بزم ادب ٽکڙ پاران ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا. انعام ٽکڙائي، ڏات ڏيپ مارڪو، محفل لطيفي، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، بزم جيلاني، رائٽرس فورم، ڪاروان ادب سنڌ، محمد خان غني ادبي تنظيم، عوامي ادبي فورم، مهراڻ ادبي سٿ جي پليٽفارمن تان سرگرم ڪردار ادا ڪيو ، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، پي پي پي، سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جي پليٽ فارمن تان سياسي سرگرمين ۾ پڻ متحرڪ رهيو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو رابطه سيڪريٽري، ٽنڊو محمد خان شاخ جو خزانچي، ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. 1985ع ۾ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 1988ع ۾ ’لبريشن فرنٽ‘ جي نالي سان تنظيم قائم ڪري، ان جي تنظيمي سرگرمين دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 16 ڏينهن جيل ڀوڳيو. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جيل ۾ پڻ 19 ڏينهن قيد ڪاٽيائين. سندس تخليقون ’مهراڻ‘، ’عبرت مئگزين‘، ’سنڌو‘، ’هالار‘، ’ادب‘، ’هزار داستان‘، ’سوجهرو‘، ’امرتا‘، ’سرهاڻ‘، ’لطيفي لات‘، ’وينجهار‘، ’اخبار جهان‘، ’جاسوسي ڊائجيسٽ‘، ’سنگت‘، ’الاصلاح‘، هفتيوار ’ماروئڙا نيوز‘، ’مهراڻ مالها‘ سميت مختلف سنڌي ۽ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. شاعري جو پهريون مجموعو ”رُلي رُلي جهان ڏٺم“ 1998ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. وڏي عرصي کان دم جي مرض ۾ مبتلا رهندي 14 شعبان 1442 هجري/مطابق 8 اپريل 2021ع بروز خميس، دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ انعام ٽکڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.08.12  عيسوي

انعام ٽکڙائي جو جنم 12 آگسٽ 1966ع تي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو .


2021.04.08  عيسوي

انعام ٽکڙائي 14 شعبان 1442 هجري/مطابق 8 اپريل 2021ع بروز خميس، دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد فضل شاهه فضل
حيدر شاهه سيد
شيلي
سلامي ملا
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
امتياز دانش
اياز جاني
شريڪانت صدف
رفيق وقار کهڙو
شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون